اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، ڊينمارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ??فغ??نستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري ??فغ??ن عوام جي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻي. پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون پ??ڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيون، پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جڏهن ته ڊينش وفد جي قيادت ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير يپي ڪوفو ڪئي.
ڳالهين ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، ??فغ??نستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، ڊينمارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، هن چيو ته جي ايس پي پ??س اسٽيٽس جي حوالي سان پ??ڪستان جي مدد تي اسان ڊينمارڪ جا ٿورائتا آهيون. اسان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪيتريون ئي پ??رڪشش مراعتون ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته ڪاروبار ۾ آسائشن جي حوالي سان پ??ڪستان جي ع??لمي درجا بندي ۾ بهتري آئي آهي.
شاهه محمود قريشي چيو ته ڊينس ڪمپنيون پ??ڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ذريعي انهن مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون، هن چيوته پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ٻطرفي تعاون جو فروغ واکاڻ جوڳو آهي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ڊينمارڪ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي موجودگي، پارليماني رابطن جي فروغ جو سبب آهي، پرڏيهي وزير ??فغ??نستان جي صورتحال جي حوالي سان چيو ته اسان هڪ هزار کان وڌيڪ ڊينس شهرين کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، مون کي خوشي آهي ته ??فغ??نستان جي حوالي سان اسان جي موقف ۾ هم آهنگي آهي،
هن چيو ته ??فغ??نستان ۾ تازي تبديلي جي دورا?? رتوڇاڻ ۽ خانه جنگي جو نه هجڻ مثبت رخ آهي، عالمي برادري ??فغ??نستان ۾، پاڪستان وانگر اجتماعيت جي حامل حڪومت جي خواهشمند آهي،پرڏيهي وزير چيو ته ضرروت ان ڳالهه جي آهي ته ??فغ??نستان ۾ جنم وٺندڙ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري ??فغ??نستان جي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻي، اقتصادي بحران سبب دهشتگرد گروهن کي ??فغ??نستان ۾ قدم ڄمائڻ جو موقعو ملندو. شاهه محمود قريشي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري جي ڏس ۾ ڊينش هم منصب سان ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو. ڊينش پرڏيهي وزير ڊينش شهرين جي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ مدد تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.