اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب ۾ تبديلي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪر?? رهيو آهي، برطانوي پرڏيهي وزير کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن، انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان تفصيلي ثبوت پيش ڪيا. لنڊن ۾ برطانيا جي ٽن ڏينهن جي دوري جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته برطانيا اهم ملڪ ??هي ۽ پاڪستان انس ان لاڳاپا وڌيڪ مست??ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته برطانوي هم منصب سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ڪشمير ۽ افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي، برطانيا سان واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مست??ڪم ڪرڻ جي لاءِ جوائنٽ ورڪنگ ??روپس جوڙڻ جي حوالي سان به برطانوي عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته مون برطانوي هم منصب کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي حوالي سان تفصيلي ثبوت فراهم ڪيا. پرڏيهي وزير چيو ته برطانيا ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جو وڏو انگ رهي ٿو ۽ اهي برطانيا جي ترقي ?? خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪر?? رهيا آهن.