اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ايماندار قيادت ۾ حڪومت آهستي آهستي عوام سان ڪيل واعدا پوري ڪري رهي آهي، حڪومت ملڪ مان بدعنواني، غربت، بيروزگاري جي خاتمي، غريب ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ سڌارن جي لاءِ وڙهندي رهندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن اڳوڻي حڪ??مت?? تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن پنهنجي دورن ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، خودغرض مخالف ڌر رڳو ڦريل دولت ۽ پنهنجي ذاتي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، مخالف ڌر کي اهو سمجهڻ گهرجي ته مستقبل ۾ عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جا اهي دير وارا حربا ڪم نه ڪندا. فرخ حبيب سن?? حڪومت تي پڻ سخت تنقيد ڪندي چيو ته سن?? حڪومت ترقي جي نالي تي وفاق کان اربين رپيا وصول ڪرڻ جي باوجود صوبي جي ترقي لاءِ ڪو ڪم ناهي ڪيو جڏهن ته وفاقي حڪومت صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ سن?? ۾ مختلف ترقياتي منصوبا شروع ڪي?? ويا آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي گذريل 13 سالن کان سن?? ۾ حڪومت ڪري رهي آهي جڏهن ته ان بيڊ گورننس، ڪرپشن ۽ ناانصافي جو مظاهرو ڪري صوبي جي ماڻهن جي زندگين کي اجيرن ب??ائي ڇڏيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ڪرپٽ بيانيو عوام آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.