اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بلوچستان ۾ امن ا??ان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوص??ا ڪمزور نه ٿيندا. پن??نج?? هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن امن ا??ان جي بحالي لاءِ اڻٿڪ قربانيون ڏنيون آهن، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري قوم دهشتگ??دي جي خلاف جنگ ۾ پن??نج?? فورسز سان گڏ بيٺل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي پونئيرن سان همد??دي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.