اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ??ه گرين لائين کي طئي ٿيل مدي ۾ مڪ??ل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سنڌ پئڪيج تحت منصوبن تي پڻ ڪم ۾ تيزي آندي وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي م??مب??ن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، قومي اسيمبلي م??مب?? غوث بخش مهر، صوبائي اسيمبلي م??مب?? عل?? گوهر مهر ۽ صفدر عباسي شريڪ هئا. ان موقعي تي ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي صورتحال خاص طور تي امن امان ۽ ڪوروان جي صورتحال ۽ عوام کي درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ سنڌ ۾ وفاق جي جاري ترقياتي منصوبن تي سنڌ صوبي جي پهرين وڏي ٽرانسپورٽ منصوبي گرين لائين تي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم گرين لائين کي مقرر ڪيل مدي ۾ مڪ??ل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ سنڌ پئڪيج تحت منصوبن تي پڻ تيزي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.