اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ رپئي جي ڪرپشن نه ڪرڻ جي دعويدار ش??باز شريف پنهنجي شگر ملز ملا??من وسيلي 25 ارب جي مني لانڊرنگ ڪئي، شهباز شريف ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي ڌنڌي جي لاءِ پنهنجي نائب قاصد، ڪلرڪ، ڪيشيئرز ۽ مئنيجرز جا بئ??ڪ اڪائونٽس استعمال ڪيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ته ادارا ڪرپشن جو سوال پڇن ته جواب ڏ??ن ٿا ته سلمان جواب ڏ??ندو ۽ سلمان کي ملڪ مان فرار ڪرايو ويو آهي.