اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تحريڪ انصاف جي ??نشور جو بنيادي حصو آهي، چونڊ سڌارن جي عمل ۾ مخالف ڌر کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ??اءِ سڄي ٽيڪنالاجي ??ڪمل آهي، انشاءُ الله 2023ع جون عام چونڊون ان نئين ميڪنزم تحت ٿينديون جيڪو پي ٽي آءِ جي حڪومت اليڪشن ڪميشن ۽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو، ريلوي ??اد??و انتهائي افسوسناڪ آهي، سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، ماضي ۾ ريلوي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري نه ٿيڻ جي ڪري ٽريڪ خراب حالت ۾ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي اليڪشن ڪميشن جي ??اهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??ارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار داڪٽر بابر اعواڻ، احتساب وارو صلاحڪار شهزاد اڪبر به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير ريل ??اد??ي جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 7 جون جي صبح ڏهرڪي ۽ ريتي جي ??قام تي ملت ايڪسپريس جون بوگيون پٽڙي تان لهڻ کانپوءِ ملت ايڪسپريس ۽ سر سيد ايڪسپريس جي ??چ ۾ ٽڪر ٿيو، هن ٻڌايو ته 3 لڳي 43 منٽن تي سکر ڪنٽرول روم کي اطلاع مليو ته ملت ايڪسپريس ڄاڻايل هنڌ تي ڊي ريل ٿي وئي آهي، ان کانپوءِ سر سيد ايڪسپريس به انهي وقت 3 لڳي 38 منٽن تي متاثر بوگين سان ٽڪرائجي ??ئي، هن چيو ته ??اد??ي جي ??تيجي ۾ ملت ايڪسپريس جو 6 بوگيون ڊي ريل ٿيون ۽ 5 بوگيون ڪلٽي ٿيون، سر سيد ايڪسپريس جون 2 بوگيون ڊي ريل ٿيون ۽ 3 بوگيون ڪلٽي ٿيون، هن چيو ته ڊي ايس، ڊپٽي ڊي ايس، ڊي سي او، ڊي ايم اي ۽ اي ٽي او ??اد??ي واري جاءِ تي پهچي ويا هئا، ريلوي واري وفاقي وزير خصوصي جهاز جي ذريعي صبح نائين وڳي ??اد??ي واري جاءِ تي پهتو، 31 ماڻهو ??اد??ي ۾ فوت ٿيا ۽ سئو کان وڌيڪ زخمي آهن، هن چيو ته سڄي قوم متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.