ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ما??هن سميت معاشري جي سمورن ڪمزور طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن کانسواءِ مجموعي ترقي جا مقصد حاصل نٿا ٿي سگهن، مسئلن جي حل جي حوالي سان بهتر منصوبابندي لاءِ درست انگ اکر هجڻ ضروري آهن، ان سلسلي ۾ احساس پروگرام تحت معذور ما??ه?? جو سروي ڪيو پيو وڃي، ڪمزور طبق?? جو تحفظ ۽ ڀلائي موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن پُرعزم ما??هن جي حوالي سان ڪانفرنس ۽ ورچوئل نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته معاشري جي ڪمزور ۽ محروم طبقن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي تحفظ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ ايوان صدر ?? عورتن، خصوصي ما??هن ۽ ٿيليسيميا جي مريضن سان مختلف وقتن ۾ ويهڪ?? جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي صدر ع??رتن ۽ خصوصي ما??هن جي حقن لاءِ مهم جي قيادت ڪرڻ تي بيگم ثمينه عارف علوي کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته خصوصي ما??هن جي ڀلائي ۽ ترقي بابت منصوبابندي لاءِ ضروري آهي ته انهن جي تعداد بابت درست انگ اکر موجود هجن، ان مقصد لاءِ احساس پروگرام تحت هڪ سروي ڪيو پيو وڃي، هن چيوته وراثت ?? عورت جو حق ڏيڻ احسان نه پر ذميداري آهي.