فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت صنعتي شعبي کي بجلي جي فراهمي لاءِ وڏو پيڪيج ڏنو آهي، صنعتي سرگرميون وڌنديون ته ملڪ ترقي ڪندو. صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته 60ع جي ڏهاڪي کانپوءِ پاڪستان ۾ صنعتون نه لڳيو?? ۽ ??ڪومتن صنعتي سرگرمين کي ڪڏهن فروغ نه ڏنو، اسان مشڪل حالتن ۾ سموريون سهو??تو?? ڏئي رهيا آهيون ته جئين صنعتي سرگرميون وڌن، ان سان ماڻهن کي روزگار ميسر ايندو ۽ آمدني ۾ به اضافو ٿيندو، ان سان اسان قرض به واپس ڪري سگهنداسين.