اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان عوام کي انساني بحران کان بچائڻ هر هڪ جي اخلاقي ذميواري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان برطانوي نشرياتي اداري جي افغان عوام کي درپيش غذائي کوٽ جي خطري بابت رپ??رٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته مون افغانستان ۾ انساني بحران کان اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو هو، ه??ڻي خوراڪ جي عالمي اداري جي سربراهه الرٽ جاري ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو رهندو پر عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. برطانوي نشرياتي اداري پنهنجي رپ??رٽ ۾ خبردار ڪيو ته افغانستان ۾ خزان جي موسم ۽ سرديءَ جي موسم جي شروعات سان ڪيترن ئي ع??ائ??ن سوڪهڙي جون خبرون اچي رهيون آهن ۽ افغان عوام کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. رپ??رٽ ۾ ٻڌايو ويو ته افغانستان ۾ عوام کي خوراڪ جي سخت کوٽ درپيش آهي ۽ سرديءَ جي موسم ۾ سخت سرديءَ جي ڪري اهو بحران خوفناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. رپ??رٽ موجب خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنهن گذريل ڏينهن ڪابل جو دور?ائ??_جوا/118031.html">و ڪ??و هو، ان به صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته زمين تي بدترين انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان ۾ 95 سيڪڙو عوام کي ناڪافي خوراڪ جا مسئلا درپيش آهن، 2 ڪروڙ 30 لک عوام بک طرف وڌي رهي آهي.