اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ريب خاندانن جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرش?? پروگرام تحت هر سال 50 هزار شاگردن کي تعليمي وظيفا ڏنا ويندا، غريب خاندانن جي لاءِ راشن پروگرام پڻ متعارف ڪرايو ويندو ۽ گيهه، اٽو، دال ۽ کنڊ غريب خاندانن کي فراهم ڪئي ويندي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن اه??ي قسم جا پروگرام شروع نه ڪيا ويا جن سان معاشري جي عام ماڻهن کي مٿي اچڻ جو موقعو ملي سگهي، ماضي ۾ عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ نه سوچيو ويو. اه??ن خيالن جو اظهار هن احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرش?? پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.