اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪي ترقي ج?? لاءِ پاڻ ۾ فڪري تبديلي آڻين، نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪن، نوجوان معيشت، واپار ۽ جمهور?? قدرن جي بهترين لاءِ قيادت فراهم ڪري سگهن ٿا، بوائز ۽ گرلز اسڪائوٽس، هلال احمر ۽ ٻين ادارن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ يوٿ پارليامينٽ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ??وجوان پاڻ ۾ فڪري تبديلي آڻين، نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪن، نوجوان ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ج?? لاءِ ٽيڪنالاجي ج?? محاذ تي ٿيندڙ ايجادن کان باخبر رهن. هن چيو ته ??ائداعظم محمد علي ج??اح ملڪ جي نوجوانن کي خصوصي اهميت ڏيندو هو، قائداعظم نوجوانن تي فخر ڪندو ۽ انهن کي قوم جو معمار سمجهندو هو، نوجوان سم??رن شعبن ۾ جديد ترين هنر سکن، فڪري سطح تي ٿيندڙ تبديلين کي اختيار ڪن، نوجوان معيشت، واپار ۽ جمهور?? قدرن جي بهتري لاءِ قيادت فراهم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته آئين اسان سڀني ج?? لاءِ اتحاد مقصد جو فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو، سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي منشور موجب ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ج?? لاءِ پرعزم آهن. صدر عارف علوي چيو ته ??لڪ کي د??پي?? مسئلن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مشاورت، جمهوريت ۽ محنت جي جذبي سان 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ج?? ڪم ضروري آهي. هن چيو ته بوائز ۽ گرلز اسڪائوٽس، هلال احمر ۽ ٻين ادارن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي، نوجوان خون جا عطيا ڏين ته جيئن رتوڇاڻ ڪرڻ، حياتي بچائڻ جي لاءِ خون فراهم ڪري سگهجي، عورتون ۽ نوجوان حڪومت جي اعلان ڪيل اسڪيمن ۽ مراعتن مان مڪمل طور تي فائدو کڻن. هن چيو ته ??وٿ پارليامينٽ جا ميمبر سي پي آر ۽ شروعاتي طبي امداد ۾ مهارت حاصل ڪن. يوٿ پارليامينٽ جي باني چيئرمين رضوان جعفر يوٿ پارليامينٽ جا مقصد بيان ڪندي چيو ته ان ۾ سڄي ملڪ مان نوجوان ليڊرز جي نمائندگي شامل آهي. هن چيو ته ??وٿ پارليامينٽ جا سمورا ميمبر ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ لاڳاپيل ڌرين، انتظاميا ۽ ٻين ادارن سان گڏجي امدادي ڪمن ۽ عطيا گڏ ڪرڻ ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن. ان موقعي تي صدر يوٿ پارليامينٽ جا 17 سال مڪمل ٿيڻ تي يوٿ ليڊرز کي يادگاري سووينيئرز ڏنا.