اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان پاڪستان ڪاٽن جينرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر جاسو مل ٽي ليماڻي جي سربراهي ۾ چار رڪني وفد پارلياميٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ سينيٽ چيئرمين کي پاڪستان ۾ ڪپه?? جي فصل جي پوکي ۽ پيداوار ۾ مسلسل گهٽتائي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وفد سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪپهه مان تقريبن 15 ملين ڳٺڙيون بڻجڻ ٿيون، ڪپه?? جي پوکي ۽ پيداوار ۾ مسلسل گهٽتائي جي ڪري ان جي تعداد 7 ملين تائين محدود ٿي ويو آهي ۽ معياري ٻج ۽ جديد مشينري جي عدم دستيابي جي ڪري آبادگارن ?? مت??اد?? فصلن جي پوکي جو رجحان وڌي چڪو آهي. آبادگارن ٻيا فصل پوکڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جيستائين معياري ٻج جي نئين ورائٽي ۽ جديد مشينري جي دستيابي ميسر نه ٿيندي تيستائين بهتري ممڪن نه آهي.