اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي تعاون جي مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صد?? ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم عمران خان طرفان ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ان کان اڳ ڪيل ٽوئيٽس ج?? باري ۾ چيو ت?? وفاقي ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت جي وچ ۾ سهڪار جو فيصلو مثبت اڳڀرائي آهي، هن چيو ت?? ان فيصلي سان سانوڻي جي برسات سبب ڪراچي ۾ موجود بحران جي حل ۾ مدد ملندي پر ??ن سان مستقبل جي منصوبابندي ۾ به مدد ملندي، صد?? چيو ت?? ان مثبت اڳڀرائي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ موجوده شديد ترين بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته مستقبل ۾ پاڻي جي نيڪاسي جي نالن، سيوريج ٽريٽمينٽ، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٽرانسپورٽ سميت ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل فيصلا ڪ??ي سگهبا.