اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چ??و آهي ته ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ جي حوالي سان سمورن صوبن سان مشاورت کانپوءِ اڄ اربع ڏينهن فيصلو ڪيو ويندو، پبلڪ ٽرانسپورٽ سان گڏ باقي شعبن کي مرحليوار کوليو ويندو، ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته ڀ??رت پاران والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي جارحاڻي ۽ هڪ طرفي قدم کانپوءِ حڪومت پاران ڀ??رت سان سمورين شين جي درآمد تي پابندي لڳ?? آهي جڏهن ته زندگي بچائيندڙ دوائن کي ان پابندي کان ڇوٽ قرار ڏنو و??و آهي، وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ هينڊ سينيٽائيزر ۽ چانورن جي برآمد، وزيراعظم پاڪستان ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت، اخوت پاڪستان ۽ اخوت يو ايس اي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت، اقليتن بابت قومي ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جي باضابطا منظوري ڏني آهي، موجوده صورتحال ۾ مخالف ڌر کي هم آهنگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، مون ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي جيڪا نيگيٽو آئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صد??رت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.