سيالڪوٽ – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اٽي ۽ کنڊ جي مصنوعي کوٽ پي??ا ڪرڻ جي ذميوارن جي رپورٽ عام ڪري هڪ جهڙو قانون لاڳو ڪرڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي، ??زيراعظم پنهنجي پارٽي کان خود احتسابي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو، فرانزڪ آڊٽ ذريعي سموريون حقيقتون عوام تائين پهچايون وين??يو?? ۽ جيڪي ذميوار هوندا انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي، شريف گروپ جي حقيقت به هن رپورٽ ظاهر ڪ??ي ڇڏي آهي، رپورٽ تي تنقيد کان اڳ شهباز شريف کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، ??زيراعظم پورهيتن جي لاءِ اربين رپين جو مثالي پئڪيج ڏنو، عالمي معاشي بحران جي ڪري پاڪستاني صنعتڪار به مشڪلاتن جو شڪار آهن، منافعي خوري ۽ مصنوعي کوٽ پي??ا ڪندڙن تي ڪڙيءَ نظر رکي ويندي. هو سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.