اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي صدارت هيٺ سياسي، معاشي ۽ عوامي رليف ??ابت صورتحال جي جائزه اج??اس ۾ چيو آهي ته اسان حڪومت ڪرڻ نه پر نظام بدلائڻ آيا آهيون، نظام مان ڪرپشن جي مڪمل خاتمي تائين احتساب جو عمل ڀرپور طريقي سان جاري رهندو، ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي، احتساب جو عمل منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، ڪ??مي?? مسئلو اسان جي اولين ترجيح آهي، پهرين کان 5 فيبروري تائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??مي??ين جي حمايت ۾ تقريبون منعقد ٿينديون، 5 فيبروري تي حڪومت، پارٽي، قوم ۽ سموريون سياسي پارٽيون گڏجي سرڪاري ۽ نجي سطح تي ڪ??مي?? سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهائينداسين ۽ ڀارتي انتهاپسند چهري کي بي نقاب ڪنداسين. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اج??اس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اج??اس ۾ سياسي، معاشي ۽ عوام جي رليف ??ان واڳيل قدمن ۽ مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ صوبائي حڪومت کي آن بورڊ وٺندي قدمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.