پاڪستان جي عوام ۽ پارليامينٽ آڏو جوابده آهيون: چوڌري نثار

image

ڪلر سيدان– 04 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته هو امريڪا يا ڪنهن ٻئي کي نه پاڪستان جي عوام ۽ پارليامينٽ کي جواب ڏيڻوآهي، عوام سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق ۾ سهڪار ڪري، پهرين مرحلي ۾ اڍائي ڪروڙ ڪٽنبن جي سربراهن کي تصديق لاءِ پيغام ويندو ته سندن فيملي ٽري ۾ ڪو ٻيو شخص ته شامل ناهي ڪلر سيدان ۾ تعلقي ميونسپل ڪميٽي جي نون چونڊيل ميمبرن جي اعزاز ۾ آجياڻي جي موقعي تي سڌ سماءَ جي ذريعن جي نمائندن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته نان اشو کي ميگا اشو بڻائڻ تي افسوس ٿيندو آهي. پارلياماني حڪومتي نظام ۾ وزيراعظم جي جاءِ ڪو نه ٿو والاري سگهي، وزيراعظم اڳ ۾ به ٻاهر ويو، ڇا ان سان آئيني يا قانوني خال پيدا ٿيو آهي ؟ پارلياماني نظام ۾ قائد ايوان ئي وزيراعظم هوندو آهي ۽ ان جي غير موجودگي ۾ ڪابينه پنهنجو ڪم ڪندي آهي.

مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری