اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي)گھرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي گذريل ڏينھن ڊي چوڪ کان خيبر پلازه تائين دورو ڪيو جتي ھن ڊيوٽي تي موجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نوجوانن سان ملاقات ڪئي ۽ انھن جي ??رعتمندي جي ??عريف ڪئي. گھرو وزير محسن نقوي شرپسند?? کان ڪليئر ڪيل علائقن جو جائزو ورتو. ھن سي ڊي اي کي روڊن جي فوري ص??ائي جو حڪم ڏنو. گھرو وزير محسن نقوي شرپسندن جي ??مل?? کان عمارتن ۽ ٻين هنڌن تائين پھچڻ وارن هنڌن جو به جائزو ورتو. گھرو وزير محسن نقوي روڊن تان رڪاوٽون ھٽائڻ جي ھدايت ڏني. ھن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر ڪيون ٿا ته ڏڦيڙ جي ??ازش ناڪام ٿي. رينجرز جي ??فيسرن ۽ جوانن بھادري سان مظاھرين کي پوئتي هٽايو. پاڪ فوج، ايف سي، اسلام آباد، پنجاب ۽ سنڌ پوليس کي جرتمنداڻي ڪردار تي مبارڪون ڏيان ٿو. ھن چيو ته پرامن پاڪستان ۽ پاڪستانين جي ڪاميابي ٿي آھي.