اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزه ????طم?? خواج?? سان پاڪستان ۾ ا??جي??يا جي سفير ابراهيم روماني ملاقات ڪئي. هتي جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن، اسٽارٽ اپس، سائبر سيڪيورٽيءَ جي ميدان ۾ ناتن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ا??جي??يا سان ناتن کي وڏي قدر جي نگاه?? سان ڏسي ٿو. پاڪستان، ا??جي??يا جي آءِ ٽي، ٽيليڪام سيڪٽر ۾ ناتا تمام اهم آهن، الجريا، پاڪستان جي ٽيڪ جي ميدان ۾ تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. شزه ????طم?? چيو ته پاڪستان، ا??جي??يا وچ ۾ اسٽوڊنٽس، اسٽارٽ اپس، انٽر پرينيوئر جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. پاڪستان، ا??جي??يا جي نوجوانن ??اءِ آءِ ٽي ٽريننگ پروگرامز جو بندوبست ڪري سگهي ٿو. شزه ????طم?? چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو هئڻ تمام ضروري آهي. چاهيون ٿا ته پاڪستان، ا??جي??يا جي ٽيڪ ڪمپنين، اسٽارٽ اپس جو گڏيل سيمينار جلد منعقد ٿئي. ا??جي??يا جي سفير چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ ناتن ۾ واڌ جو خواهشمند آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ ترقي تعريف جوڳي آهي.