راولپنڊي-29 آڪٽوبر (اي پي پي) روسي فيڊريشن جي نائب دفاع واري وزير ڪر??ل جنرل اليگزينڊر وي فومين گذريل ڏينهن جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي مع??مل??، ٻه طرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي سه??ار کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف روس سان دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته ٻنهي ڌرين مختلف سيڪيورٽي ۽ دفاعي شعبن ۾ سه??ار کي وڌائڻ جي خاطري ڪرائي. ڪر??ل جنرل فورمين دهشتگردي خلاف پاڪستا??ي فوج جي ڪاميابين کي ساراهيو ۽ انتهاپسندي خالف عالمي برادري جي متحد ۽ گڏيل سه??ار تي ٻڌل حڪمت عمي جي اهميت تي زور ڀريو.