اپيا، سموا-26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار جي اپيا، سموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس (CHOGM2024) جي موقعي تي برطانيه جي پرڏيهي وز??ر ڊيوڊ ليمي سان ملاقات ڪئي آهي. ٻنهي ڌرين ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ان کي وڌيڪ بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتف??ق ڪيو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي مختلف ش??بن ۾ پاڪ برطانيه لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ سميت مختلف معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وز??راعظم اسحاق ڊار برطانوي پرڏيهي وز??ر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.