اسلام آباد-25 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ميانوالي پوليس کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪ??دي چيو آهي ته پنجاب پوليس جي بهادر جوانن 10 خوارجي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو.جمعي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي گهرو وزير ڊي پي او ميانوالي اختر فاروق ۽ پوليس ٽيم کي شاباش ڏي??دي چيو ته ميانوالي پوليس جي ٽيم جرئت سان خوارجي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. پنجاب پوليس جي ڪمانڊر آءِ جي ع??ما?? انور ?? سندس ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته ميانوالي پوليس جي ڪارنامي تي قوم کي فخر آهي. پنجاب پوليس جي بهادر سپوتن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. 10 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ وارا پوليس اهلڪار قوم جا هيرو آهن.