رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سيڙپڪاري، واپاري ??عاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشن جا مثبت نتيجا سامهون ا??ڻ شروع ٿي ويا آهن، پاڪ – سعودي مض??وط اقتصادي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي سيڙپڪاري ??اري ??زير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ سعودي شاهي ديوان جي صلاحڪار محمد بن التويجري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري ??ارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف اقتصادي قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سعودي سيڙپڪاري ??اري ??زير جي 9 کان 11 آڪٽوبر تي نجي شعبي جي هڪ وڏي وفد گڏ پاڪستان جي تازي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته دوري دوران پاڪستان ۾ صحيحون ڪيل مفاهمتي يادداشتن جي ٺوس سيڙپڪاري ۽ واپاري ??عاهدن جي شڪل ۾ مثبت نتيجا سامهون ا??ڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم پاڪ – سعودي مض??وط اقتصادي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي رفتار کي جاري رکڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان مض??وط اقتصادي تعاون جي ڪوششن ۽ عزم تي سعودي وزير خالد الفالح جا ٿورا مڃيا. هن سعودي عرب جي ويزن 2030ع جي پس منظر ۾ ٻنهي ملڪن جي لاءِ موجود اقتصادي موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.