اسلام آبا?? – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف سان ش??گه??ئي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اج??اس جي موقعي تي ملاقات ٿي جنهن ۾ ترڪمانستان جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڪالهه اڱاري ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ شهباز شريف چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان واپار، توانائي ۽ مواصلات سميت علائقائي تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ??رڻ جو خواهشمند آهي.