اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم 2 کان 4 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بي??ن موجب س??ڻس گڏ وزيرن، نائب وزيرن ۽ سينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطح جو وفد پڻ هوندو. وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ن ملاقات ڪندو. بي??ن موجب ٻئي ڌريون واپار، رابطن، توانائي، زراعت، حل??ل صنعت، سياحت، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن سميت متنوع شعبن ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ م??تح??م ڪرڻ جي وسيع ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، هو علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي سان ڳنڍيل مضبوط ٻطرفا لاڳاپا آهن. هي دورو پاڪست??ن ملائيشيا لاڳاپن کي وڌيڪ م??تح??م ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.