نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي ??ابندي اڻ اعلانيل نه آهي، نگران حڪومت جي دور ۾ ”ايڪس“ تي ??ابندي قومي سلامتي جي ڪري هنئي وئي، اها اظهار راءِ جي آزادي کي روڪڻ جي ڪوشش نه آهي. اها ڳالهه هن وائيس آف آمريڪا سان ڳال??ائ??ندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عليحدگي پسند ۽ دهشتگرد گروپ ”ايڪس“ پليٽ فارم کي ملڪ جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن، بي ايل اي جا دهشتگرد پنهنجي مهم ”ايڪس“ تي ??لائين ٿا ۽ پنهنجون سموري دهشتگردي تي ??ڌل سرگرميون ”ايڪس“ تي ??ائيو پوسٽ ڪن ٿا. هن چيو ته ”ايڪس“ تي ??ابندي جو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، گهرو وزارت ان تي ??نهنجو جواب جمع ڪرايو آهي ۽ چيو آهي ته عليحدگي پسند ۽ دهشتگرد گروپن کي ”ايڪس“ تائين پهچ حاصل آهي ۽ اهي ان پليٽ فارم کي اسان جي ملڪ جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگرد گروپن کي سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي غلط استعمال جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، بطور پاڪستاني اسان درخواست ڪري سگهون ٿا ته انهن دهشتگردن جي ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته دهشتگرد لاش ڪيرائڻ، معصوم شهرين جو رت وهائڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، انهن ??ي حق حاصل نه آهي ته اهي سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪري سگهن. وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا جي لاءِ ملڪ ۾ ڪو نه ڪو نظام موجود هجڻ گهرجي، ويب مئنيجمينٽ سسٽم اڳ ۾ ئي موجود هو، ان نظام تحت سائبر سيڪيورٽي ۽ ڊيٽا سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪو حرج نه آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي جه??و فورم موجود هجڻ گهرجي جتي عوام پنهنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهي، ان حوالي سان ڪابينا ۾ هڪ قانون آيو هو، ڪابينا اهو معاملو ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ان قانون جي تياري ۾ سمورين ڌرين بشمول صحافتي تنظيمن، ميڊيا ??ائ??سز، پي ايف يو جي ۽ پوليٽيڪل پارٽين کي آن بورڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن موثر قانونسازي ٿي سگهي جنهن تي عملدرآمد آسان ٿئي. هن چيو ته بطور سياسي ڪارڪن چوندس ته ”ايڪس“ کلڻ گهرجي. هن چيو ته ايڪس تي ??ابندي جو مسئلو رڳو ڪمپلائنس جو آهي، ايڪس سان ڪمپلائنس جا معاملا بهتر ٿي وڃن ته اهو معاملو خوش اسلوبي سان حل ٿي سگهي ٿو، ايڪس تي ??ابندي جو معاملو هن وقت عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، گهرو وزارت ان معاملي کي ڏسي رهي آهي.