نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران پاڪستان گڏيل حمايت ۽ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فلسطين تي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪندي غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ فلسطين ۽ لبنان جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي ت?? زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل ??سي??بلي جي 79هين اجلاس جي موقعي ت?? ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ??لا??ات ٿي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سٺي ??اڙ??سري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ گڏيل فائديمند تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ، ايران سان رابطن ۽ ثقافتي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. فلسطين تي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ فلسطين لبنان جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي ت?? زور ڏنو. ??لا??ات ۾ ايران پاڪستان گڏيل حمايت ۽ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو ويو.