نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو 79هون ساليانو اجلاس شروع ٿي ويو. ڪالهه اڱاري ڏي??هن افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس دنيا جو ڌيان غزه ۾ جاري ظلمن طرف ڇڪرايو. هن چيو ته غزه ۾ بنا رڪاوٽ بمباري هڪ ڊيڄاريندڙ خواب آه??، فلسطينين جي خلاف گڏيل سزا بنا جواز آه??. انتونيو گوتريس چيو ته ڇڪتاڻ ۽ تشدد ۾ اضافي جي ڪري هاڻي ل??نان به جنگ جي ويجهو آه??، لبنان کي هڪ ٻيو غزه نه بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته سزا کان ڇوٽ ۽ اڻبرابري جا رجحان دنيا جي ل??ءِ وڌندڙ خطرو آه??. دنيا ۾ سزا کان ڇوٽ جو رجحان سياسي ۽ اخلاقي ل??اظ کان ناقابل برداشت آه??. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو ??ه عالمي برادري غزه ۾ فوري جنگبندي جي ل??ءِ گڏيل قدم کڻي ۽ ٻه رياستي حل کي ڪامياب بڻائي.