اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله ت??رڙ پاڪستان فلم انڊسٽري جي سينيئر ۽ نا??يواري هدايتڪار الطاف حسين جي لاڏاڻي ت?? گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهن??ي تعزيتي بيان ۾ مرحوم ج?? گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الطاف حسين پاڪستان فلم انڊسٽري جو قيمتي اثاثو هو، هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترين ئي يادگار فلمن ۾ هدايتڪاري ڪئي ۽ پنهنجي محنت ۽ لگن سان پاڪستان فلم انڊسٽري جو نا??و روشن ڪيو. هن چيو ته الطاف حسين جو لاڏاڻو نه رڳو پاڪستان فلم انڊسٽري پر پوري ملڪ جي لاءِ نا??ابل تلافي نقصان آهي، اڄ جڏهن اسان کيس وڃائي چڪا آهيون ته اسان کي ان جي خدمتن کي ياد رکڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.