اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ ??لل?? تارڙ چيو آهي ته ڪالهه جيڪا سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون آئي آهي ان ۾ واضح آهي ته ڪنهن به پارليامينٽرين کي پارليامينٽ جي اندران گرفتار ناهي ڪ??و ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي هن چيو ته اسد قيصر منهنجي لاءِ احترام لائق آهي، سندس دور ۾ حڪومتي بئنچن تان کيس برو ڀلو چيو ويندو هو ته توهان اپوزيشن جون ڳالهيون ڇو ٻڌي رهيا ??هيو پر اڄ سڄو ايوان اسپيڪر جي پٺيان بيٺل آهي. هن چيو ته اهي ثبوت سامهون آيا ??هن ته ڪنهن به پارليامينٽ جي ميمبر کي پارليامينٽ هائوس جي اندران گرفتار ناهي ڪ??و ويو، اسپيڪر آفيس ۾ سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آهن انهن جو مشاهدو ڪري وٺو. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن جي فاشسٽ سوچ آهي، انهن ۾ ڳالهه ٻڌڻ جو حوصلو نه آهي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه سان ئي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.