اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي، ته پاڪ بحريه ملڪ کي درپي?? روائتي ۽ غير روائتي بحري چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت ر??ي ٿي. هڪ مضبوط بحريه پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي جي ضامن آهي، ملڪي دفاع ۽ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪ بحريه ??و اهم ڪردار آهي. ايوان صدر پريس ونگ طرفان يوم بحريه ??ي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪ بحريه کي خر??ج تحسين پيش ڪيو ۽ وطن جي دفاع ۾ پاڪ بحريه ??ي ڪردار، آفيسرن ۽ جوانن ??ي بهادري ۽ قربانين کي به ساراهيو. هن چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ دشمن خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪري پاڪ بحريه پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو. صدر مملڪت چيو ته پاڪ بحريه ملڪ کي درپي?? روائتي ۽ غير روائتي بحري چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت ر??ي ٿي، هڪ مضبوط بحريه پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي جي ضامن آهي. صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪ بحريه کي جديد ۽ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ملڪي دفاع ۽ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪ بحريه ??و اهم ڪردار آهي. پاڪستان ??ي بحري مفادن ۽ حدن جي دفاع لاءِ پاڪ بحريه هر وقت تيار آهي، قوم پاڪ بحريه، ان جي جوانن ??ي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي تي فخر ڪري ٿي، پاڪ بحريه ??ي هيروز جون قربانيون قوم لاءِ مشعل راهه آهن.