لاهور-06 سيپٽمبر (اي پي پي) استحڪام پاڪستان ??ارٽي جي صدر ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي حوالي س??ن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن سال اسان سڀني کي يوم دفاع کي ”يوم وفا“ طور ملهائڻ جو وچن ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پاڪ فوج سڄي قوم جو فخر آهي ۽ ”سپاه سان ??فا“ ۾ ئي وطن عزيز جي بقاءَ ??هي. هن چيو ته 6 سيپٽمبر 1965ع تي بهادر فوج دشمن کي سبق سيکاريندي جرئت ۽ بهادري جا جيڪي داستان ??کيا آهن انهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اس??ن جي جوانن گهٽ کان گهٽ وسيلن سان ??اڻ کان ??ڏي دشمن کي ڪمزور ڪ??ي ڏيکاريو. ملڪ اڄ به دهشتگردي ۽ دشم?? جي ناپاڪ ارادن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ انهن مشڪل حالتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر هر پاڪستاني پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جو وچن ورجائي ٿو. عبدالعليم خان چيو ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن اسان سڀني جي رت کي گرمائي ٿو ۽ ملڪ لاءِ قرباني?? جي عزم کي تازو ڪري ٿو ۽ يوم دفاع تي اسان سڀ پاڪ فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا.