اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ جي لاءِ هڪ جامع ڊگهي مدي واري روڊ ميپ ج??ڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي جديد ڪوچنگ ۽ رهنمائي جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، جديد ڪرڪيٽ اسٽيڊميز جي تياري جي لاءِ گڏيل منصوبن جي امڪانن تي غور ڪيو وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آ??ف علي زرداري سنڌ پريميئر لي?? (ايس پي ايل) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر آ??ف علي زرداري سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي بنيادي ڍانچي، تربيتي سهولتون بهتر بڻائڻ ۽ سنڌ ۾ ڪرڪيٽ ٽ??لي??ٽ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سنڌ پريميئر لي?? سنڌ جو ڪرڪيٽ ٽ??لي??ٽ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم آهي. هن چيو ته راندين ۽ ڪرڪيٽ لي??ز منعقد ڪرڻ سان راندين جي سياحت، معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. وفد صدر کي سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽ??لي??ٽ کي فروغ ڏيڻ، ڪرڪيٽ انفراسٽرڪچر بهتر بڻائڻ ۾ لي?? جي ڪردار بابت ٻڌايو. وفد سنڌ پريميئر لي?? جي افتتاحي سيزن جي ڪاميابين بابت ٻڌايو ته نوجوان ٽ??لي??ٽ جي تربيت جي لاءِ ڪراچي ۾ هڪ هاءِ پرفارمنس سينٽر قائم ڪيو ويندو. وفد صدر کي سنڌ پريميئر لي?? کي درپيش مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر وفد کي سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي حوصلا افزائي، فروغ جي لاءِ تعاون جي خاطري ڪرائي. صدر آ??ف علي زرداري چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ مدد جي لاءِ چوندس. بعد ۾ سنڌ پريميئر لي?? جي وفد صدر کي ايس پي ايل جي شرٽ پڻ پيش ڪئي.