اسلام آب??د – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عط??ءُ الله تارڙ موسيٰ خيل ڪوئيٽا ويجه?? دهشتگردن جي ظلم جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ 23 ماڻهن جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسيٰ خيل ويجه?? دهشتگردن معصوم مسافر?? کي نشانو بڻائي ظلم جو مظاهرو ڪيو. ان واقعي ۾ ملوث دهشتگرد ۽ سهول??ڪا?? عبرتناڪ انجام کان بچي نه سگهندا. هن چيو ته حڪومت مارجي ويلن جي پونئيرن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿي ۽ سوڳوار خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.