اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اسپيشل جج سينٽرل قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 3 جوابدارن جي گرفتاري کان پوءِ واري ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت گرفتار جوابدارن ان وقت جي پراجيڪٽ ڊائري??ٽر محمد غواث خان، ڊپٽي ڊائري??ٽر مصور عمران ۽ چيف ڪمپيوٽر انجنيئر سعد م??ثر جي گرفتاري کان پوءِ واري ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اي پي پي جي ليگل ايڊوا??يز?? ناليواري قانوندان سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته سمورا جوابدار پروڪيورمنٽ ڪميٽي جا ميمبر هئا ۽ جعلي صحيحن جي ذريعي اي جي پي آر ۾ 60 چيڪ جمع ڪرايا ويا. سردار يعقوب مستوئي چيو ته سرڪاري اداري ۾ عوامي خزاني جي 124 ملين رپين جي جعلسازي جي ذريعي ڌاڙو هنيو ويو آهي. اي پي پي جي ليگل ايڊوا??يز?? چيو ته جوابدارن ڪرپشن جي ذريعي قومي خابرو اداري کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو آهي. ڌرين جي دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي. واضح رهي ته ايف بي آءِ اينٽي ڪرپشن سيل جوابدارن غواث خان، سعد م??ثر ۽ مصور عمران سميت بلال ظفر (ڊپٽي ڊائري??ٽر سائبر ونگ اطلاعات واري وزارت)، ارشد م??يد چوڌري (مئنيجر اڪائونٽس)، ضياءَ الله ڀٽو (ڊائري??ٽر ايڊمن اينڊ پي اينڊ ڊي)، ميسرز تيجاري پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ، ميسرز نيو هوريزن، ميسرز آرٽ ٽيڪ سسٽم، ميسرز ميڊيا لنڪس جي عهديدارن جي خلاف سيڪشن 409، 34، 420، 468، 471، PCA PPC 47 (2)5 r/w تحت ڪيس داخل ڪيو هو.