اسلام ??باد-23 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ترڪيه سان هو??با??ي جي شعبي ۾ تعاون پاڪ ترڪيه ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو ۽ پاڪستان جي هو??با??ي جي صنعت کي ترقي ڏيڻ جي حوالي سان وزيراع??م جي ويزن موجب آهي. هن اها ڳالهه ترڪيه جي پيگاسز ايئر لائنز جي چيئرپرسن مهمت ٽي نان سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي لڪي سيمنٽ لميٽيڊ جو سي اي او محمد علي ٽبه به موجود هو. مهمت ٽي نان ترڪيه جي هو??با??ي جي صنعت جي حڪمت عملي جو عمومي جائزو پيش ڪيو ۽ هُن اهم رخن تي روشني وڌي جيڪي پاڪستان ۾ هو??با??ي جي شعبي کي فائدو پهچائي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ايوي ??يش?? انڊسٽري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ترڪيه جي تجربي ۽ مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. سينيٽر محمد اورنگزيب ترڪيه جي واپار واري وزير سان هاڻوڪي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ ڌرين واپار ۽ ڪاروباري تعاون جي مختلف طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته هي ملاقات پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ايوي ??يش?? سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي وسيع حڪمت عملي جو حصو آهي.