اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سين??ٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان بهتر معاشي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، ٽيڪس اوڳاڙين ۽ مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، عالمي ريٽنگ ايجنسين طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري سان ملڪ جي مجموعي ا??تصادي استحڪام جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ فن لينڊ جي سفير هانو ري پاٿي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ناڻي واري وزير فن لينڊ جي سفير کي ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال ۽ معاشي استحڪام لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن چيو ته پاڪستان عالمي مالياتي ??نڊ سان 9 مهينن جو پروگرام مڪمل ڪري چڪو آهي جڏهن ته تازو ئي 37 مهينن تي ??ڌل پ??وگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو به ٿي چڪو آهي. هن فن لينڊ جي سفير کي ا??ف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ روانگي واپار تي ??ڌل اوسر لاءِ حڪومتي ??دمن کان به آگاهه ڪيو.ناڻي واري وزير چيو ته انهن قدمن جو بنيادي مقصد روانگي واپار تي ??ڌل پ??ئيدار اوسر کي حاصل ڪرڻ آهي. فن لينڊ جي سفير پاڪستان ۾ اقتصادي سڌارن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ فن لينڊ جي ڪمپنين جي مالي حالت بهتر ٿي آهي. ناڻي واري وزير جي ا??س پي پلس جي تجديد ۾ مدد تي ??ن لينڊ جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ان سهولت سبب ملڪ ??ي روانگي واپار واري شعبي کي فائدو ٿي رهيو آهي. ملاقات جي پڄاڻي تي ڌرين پاڪستان ۽ فن لينڊ وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ اقتصادي استحڪام ۽ اوسر لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.