اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو آهي ته ??وا??ي جي مدد سان ساليانو ٽي لک پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي پيشيواراڻي تربيت سان ملڪ جو آءِ ٽي روانگي واپار وڌندو، خودڪار، جديد ۽ تيز تر گورننس جي نظام لاڳو ڪرڻ ??ي لاء?? حڪومتي ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ريف سان ??وا??ي پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايٿن سن جي قيادت ۾ چار رڪني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو ته چين جي تازي دوري ۾ ??وا??ي هيڊڪوارٽر جو دورو انتهائي لاڀائتو رهيو، ??وا??ي سان مختلف شعبن ۾ خاص طور تي نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد تربيت فراهم ڪرڻ ??ي لاءِ حصيداري سڀ کان اهم آهي، ??وا??ي جي مدد سان ساليانو ٽي لک پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪانلاجي جي پيشيواراڻي تربيت سان ملڪ جو آءِ ٽي روانگي واپار وڌندو. هن چيو ته حڪومت نه رڳو عورتن پر بلوچستان جي نوجوانن کي ترجيحي بنيادن تي ان تربيتي پروگرام جو حصو بڻائيندي، حڪومت ??وا??ي سان پاڪستان جي ڊيجيٽل اڪانومي ۾ پائيدار حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ باصلاحيت افرادي قوت جو مضبوط بنياد قائم ڪرڻ ??ان ئي ڊيجيٽل اڪانومي کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، خودڪار، جديد ۽ تيز تر گورننس جي نظام لاڳو ڪرڻ ??ي لاء?? حڪومتي ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن وقت جي اهم ضرورت آهي. وفد وزيراعظم کي پاڪستان 7 ??وا??ي جي وچ ۾ ڊيجيٽل پاڪستان پروگرام جي لاءِ تعاون جي معاهدي تح?? جاري منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي جي تربيت جي لاءِ جديد طرز جو ميسيو اوپن آن لائين ڪورسز سسٽم تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي صوبائي حڪومتن جي تعاون سان لاڳو ڪيو ويندو. وفد پاڪستان جي قومي ڪلائوڊ اسٽريٽجي سان هم آهنگي نيشنل ڊيٽا سينٽر ٺاهڻ جي لاءِ تعاون جي آڇ ڪندي آگاهه ڪيو ته نيشنل ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ ??ان بهتر ڪلائوڊ سروسز جي فراهمي يقيني ٿي ويندي ۽ وڏو پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. وفد ٻڌايو ته اسلام آباد کي سمارٽ سٽي بڻائڻ جي لاءِ ??وا??ي پاڪستان جي حڪومت سان حصيداري جي خواهشمند آهي، اسلام آباد سمارٽ سٽي منصوبي تحت ٽريفڪ، صحت ۽ تعليم جي خدمتن کان وٺي پارڪنگ وغيره جهڙيون ٻيون سهولتون ڊيجيٽل پليٽ فارم تي ميسر هونديون. ملاقات ۾ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.