اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نئين جوڙيل سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. پرڏيهي آفيس موجب ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ ان جي ترجيحن خاص طور تي اسٽريٽجڪ، روايتي ۽ علائقائي حصيدارن سان گڏوگڏ گهڻ رخي تن??يمن خاص طور تي گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او، ڊي – 8 ۽ ٻين سان اعليٰ سطحي را??طن جي ڏس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏنين. نائب وزيراعظم ڪميٽي جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا ۽ انه?? کي ح??صل ڪيل اهم هدفن سميت اقتصادي ۽ گهڻ رخي سفارتڪاري کان آگاهه ڪيو.