اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) سڌ س??اء?? واري وفاقي وزير وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ت?? مولانا فضل الرحمان اسان جو بزرگ ۽ قا??ل احترام سياستدان آهي، سياست ۾ سمورن مسئلن جو حل صرف ڳالهين ۾ آهي، موجوده صورتحال ۾ بيان بازي بدران پارليامينٽ ۾ سياست ٿيڻ گهرجي. جي يو ??ءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ پنهنجي بيان ۾ سڌ س??اء?? واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي بهتر معاشي حڪمت عملي سان ملڪي اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخي بلندي ت?? آهي، جڏهن ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي، واپاري خسارو گهٽ هجڻ سان گڏ روپئي جو قدر مستحڪم هجڻ پڻ سٺو سنئوڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته ايندڙ عام چونڊون 2029ع ۾ مقرر وقت تي ٿينديون. هن چيو ته بزرگ سياستدان هجڻ جي ناطي مولانا صاحب کي حڪومت جي معاشي بهتري جي قدمن کي ساراهڻ گهرجي.