اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن ڪرنل شير خان ش??يد جي 25 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪيو آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان ش??يد ڪارگل جي محاذ تي بي مثال بهادري، جرئت ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪيو جنهن جي دشمن به تعريف ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو. ڪيپٽن ڪرنل شير خان ش??يد وطن سان وفاداري، فرض شناسي ۽ وطن جي دفاع جي لاءِ جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ويڙهه جو اهڙو مثال قائم ڪيو جنهن کي رهندڙ دنيا تائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان ش??يد (نشان حيدر) ۽ سندس گهرڀاتي سڄي قوم جي لاءِ قابل فخر آهن. پاڪستاني فوج جون ملڪ جي لاءِ دفاع جي خاطر لازوال قربانيون آهن. مون سميت سڄي قوم پاڪ فوج جي جوانن جي ملڪ جي حفاظت جي ??ڻٿ?? عزم کي سلام پيش ??ري ٿي.