اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، ائين ممڪن نه آهي ته غريب ٽيڪس ڏي ۽ اشرافيه کي ٽيڪس مراعتون ڏنيون وڃن، ترجيحي بنيادن تي ادارن ۾ سڌارن ۽ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نج??ار?? جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي عوام دوست بجيٽ 25 – 2024ع جي منظوري تي پذيرائي ڪئي آهي. وزيراعظم ??ان ناڻي واري وفاقي وزير قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي منظوري کانپوءِ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ناڻي واري وزارت، منصوبابندي واري وزارت، ايف بي آر ۽ سمورين لاڳاپيل وزارتن جي آفيسرن جي بجيٽ جي تياري جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته بجيٽ اجلاس ۾ حڪومت، اتحادي ميمبرن ۽ مخالف ڌر سڀني ڀرپور حصو ورتو، اميد ڪريون ٿا ته بجيٽ 25 – 2024ع پاڪست??ن جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته پوري ڪوشش ڪئي ته موجوده وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيون، بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي، پينشنرز ۽ مزدورن ک?? ريليف ڏنو، بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو. هن چيو ته اشرافيه ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس ۾ آڻينداسين، ائين ممڪن نه آهي ته غريب ٽيڪس ڏي ۽ اشرافيه کي ٽيڪس مراعتون ڏنيون وڃن. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن جي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر شروع آهي، الحمدالله پاڪست??ن جي معيشت صحيح رخ طرف گامزن آهي. هن چيو ته حڪومت ??ار??بار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ سيڙپ??ار?? جو اعتماد بحال ٿيو آهي، ترجيحي بنيادن تي ادارن ۾ سڌارن ۽ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نج??ار?? جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.