اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ شينزن ۾ هواوي هيڊڪوارٽر جي پنهنجي دوري دوران آئون ان جديد ترين ٽيڪنالاجيز کان متاثر ٿيس جيڪا دنيا ۽ اسان جي رهڻ جي انداز کي بدلائي رهي آهي. پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هواوي جي هيڊڪوارٽر جي دوري دوران ان ڳالهه تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي ته هواوي ۽ پاڪستان ڪهڙي طرح گڏجي هڪ بهتر، ڊيجيٽل مستقبل جي تعمير جي لاءِ تع??ون ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته دوري دوران پاڪستان جي لاءِ هڪ اخترا??ي، جامع ۽ پائيدار ڊيجيٽل تبديلي کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.