اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دنيا جي ڪابه قوم تعليم ۽ شعور کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جي منزل حاصل نٿي ڪري سگهي جيستائين قوم جي ڪروڙين ٻارن جي لاءِ تعليم جو بندوبست نه ٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين قائداعظم جي پاڪستان جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، د??نش اسڪولن جو دائرو اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪسمير، گلگت بلتستان ۽ ٻين صوبن تائين پڻ ڦهلايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن د??نش اسڪول سائيٽ جي معائني جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم وا??ي وفاقي و??ير?? وا??يس چانسلر، استادن، سيڪريٽري تعليم، مختلف تعليمي ادارن جي سربراهن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. و??ير??عظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڳوڻي و??ير??عظم نواز شريف جي قيادت ۾ قوم جي ٻارن ۽ ٻارڙين کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي لاءِ پنجاب ۾ جيڪي ڪوششون شروع ڪيون ويون هيون ان جي دائري ۾ توسيع ڪئي پئي وڃي. د??نش اسڪول ۾ اڪثر اهي ٻار داخل آهن جيڪي ذهين آهن پر جن جي والدين وٽ تعليم جا وسيلا موجود نه هئا يا جن جا والدين هن دنيا مان هليا ويا آهن. الله جي فضل ۽ ڪرم سان د??نش اسڪول ۾ پڙهندڙ ۽ هتان فارغ ٿيندڙ قوم جا روشن ستارا ملڪ ۽ پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. و??ير??عظم چيو ته جڏهن اسان د??نش اسڪول جي شروعات ڪئي ته اسان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر اسان جو موقف هو ته جيڪڏهن اميرن جي ٻارن جي لاءِ ايچي سن ڪاليج جهڙا ادارا بڻجي سگهن ٿا ته غريب پر ذهين ٻارن جي لاءِ اهڙا اسڪول ڇو نٿا کلي سگهن. اسلام آباد ۾ اهڙيون زمينون موجود هيون جتي اميرن جي ٻارن جي لاءِ اسڪول کلي ويا آهن جيڪا سٺي ڳالهه آهي پر تعليم رڳو اميرن جي ٻارن جو حق نه آهي غريب جي ٻارن کي به جديد تعليمي سهولتون ملڻ گهرجن. انهي سوچ تحت اسان د??نش اسڪولن جو دائرو اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان تائين ڦهلائڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته د??نش اسڪول اسلام آباد جي لاءِ 10 ايڪڙ زمين فراهم ڪئي پئي وڃي جتي س??ور??ن جديد تعليمي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. و??ير??عظم چيو ته س??ور?? صوبن جي وڏن وزيرن جي مشاورت سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ اهي اسڪول ٺاهيا ويندا، اسان جي ڪوشش هوندي ته انهن علائقن جي هر ڊويزن ۾ اهي اسڪول ٿين. گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ د??نش اسڪولن جي قيام جي لاءِ سئو سيڪڙو وسيلا وفاق پاران فراهم ڪيا ويندا ڇو ته اسان سمجهون ٿا ته ان کان وڏي قومي خدمت نٿي ٿي سگهي. 26 ملين اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي ڳڻتي جوڳي انگ کي ”مجرماڻي غفلت“ قرار ڏيندي و??ير??عظم چيو ته قائداعظم جو پاڪستان بابت خواب ان جي تعليم جي انتظام ڪرڻ کانسواءِ اڌورو رهندو، ان لاءِ تعليم کي هنگامي شعبو قرار ڏينداسين ۽ صحيح معنيٰ ۾ قومي ۽ عوامي وسيلا پنهنجي ٻارن تي نڇاور ڪنداسين ڇو ته ڪا به قوم تعليم ۽ شعور سان ليس ڪرڻ کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جي منزل حاصل نه ٿي ڪري سگهي. و??ير??عظم چيو تهپ نجاب ۾ محمد نواز شريف جي قيادت ۾ 2 لک استادن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو، قوم جي لکين ٻارن ۽ ٻارڙين کي محنت ۽ قابليت جي بنياد تي ڪلاشنڪوف بدران ليپ ٽاپ جا تحفا ڏنا. اڄ الحمدالله ان جي ڪري اهي پنهنجي محنت سان حلال روزي ڪمائي رهيا آهن. انهن ليپس ڪوويڊ 19 جي وبا جي دور ۾ تعليم جي فراهمي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ليپ ٽاپس اسڪيم تي به اسان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر اسان کي ڪو فرق نٿو پوي ڇو ته جيڪڏهن اميرن جي ٻارن جي لاءِ جديد تعليمي ادارا کلي سگهن ٿا ته غريب ۽ يتيم ٻارن جي لاءِ به اهڙيون سهولتون ڪرڻيون پونديون جيستائين قوم جي ڪروڙين ٻارن جي لاءِ تعليم جو بندوبست نٿو ڪيو وڃي قائداعظم جي پاڪستان جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي. و??ير??عظم چيو ته د??نش اسڪولن جو ڄار سڄي ملڪ ۾ وڇايو ويندو ته جيئن جن ٻارن تي مهانگي تعليمي ادارن جا دروازا بند آهن انهن جي لاءِ د??نش اسڪول جا دروازا کليل هجن. هي اهو خواب آهي جنهن جي لاءِ سمورا قومي وسيلا فراهم ڪيا ويندا. و??ير??عظم چيو ته ان عظيم قومي خدمت ۽ نيڪ ڪم ۾ س??ور?? لاڳاپيل ادارن ۽ عهديدارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. و??ير??عظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان جي اسڪولن ۾ د??نش اسڪولن جي پي سي ون جي منظوري کانپوءِ انهن اسڪولن جي پيڙهه جو پٿر پاڻ رکندس. هن تعليم وا??ي وزارت کي چيو ته اها 6 کان 8 مهينن ۾ ان جي تڪميل کي يقيني بڻائي. هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ قائم ٿيندڙ د??نش اسڪولن جو ذاتي طور تي افتتاح ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو.