اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گم ٿيل بلوچ ماڻهن جي ڪيس ۾ عد??لتي حڪم جي تعميل ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. جسٽس محسن اختر ڪيا??ي گم ٿيل شاگردن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي نگران گهرو وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز خان ۽ اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ پڻ موجود هئا. ٻڌڻي دوران نگران وزيراعظ?? چيو ته حڪومت آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان سان تعلق هجڻ جي ڪري مون کي صوبي ۾ ان صورتحال بابت وڌيڪ ڄاڻ آهي. اتي ماڻهن کي هٿياربند مزاحمت درپيش آهي. نگران وزيراعظ?? چيو ته بلوچستان ۾ غيررياستي عنصرن جون سرگرميون پڻ سامهون آيون آهن. هن چيو ته بلوچستان جي هڪ اڳوڻي چيف جسٽس جيڪو هڪ انڪوائري جي سربراهي ڪري رهيو هو، کي عسڪريت پسندن شهيد ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته بلوچستان کي ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي درپيش آهي. هن زور ڏنو ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ان مسئلي جو حل ڳولڻ گهرجي. نگران وزيراعظ?? چيو ته آئين سمورن شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائي ٿو ۽ انهن کي رياست سان غيرمشروط وفاداري جو مظاهرو ڪرڻ جو پابند پڻ ڪري ٿو. جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته عد??لت ٻن سالن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جون ڪيتريون ئي ٻڌڻيون ڪيون ۽ نشاندهي ڪئي ته گرفتارين کي رڪارڊ تي آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو ڪريڊٽ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن ڏانهن وڃي ٿو. اٽارني جنرل پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ عد??لت کي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ 11 شاگرد بازياب ٿي چڪا آهن. انهن جي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ 9 ماڻهو ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي تحويل ۾ هئا ۽ ٻه ماڻهو افغانستان هليا ويا هئا. عد??لت عملدارن کي هدايت ڪئي ته سي ٽي ڊي جي تحويل ۾ موجود ماڻهن جي خلاف ڪيسن جا تفصيل درخواستگذار کي فراهم ڪيا وڃن.