اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي ??ي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سنڌ جي ناليواري ڊراما ليکڪ، ناول نگار ۽ افسانه نگار علي ??اب?? جو فن امر ۽ لازوال آهي، علي ??اب?? جي لکڻين ۾ وجوديت ۽ ذات جي گهرائي نظر اچي ٿي، علي ??اب?? موهن جو دڙو تي شاندار ناول لکيو، سندس لکڻين جو اردو سميت ٻين زبانن ۾ ترجمو ??رڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ۾ تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي لکيل ڪتاب ”علي ??اب?? جي شخصيت ۽ فن“ جي مهورتي تقريب ??ي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته مدد علي سنڌي علي ??اب?? ۽ سندس زندگي تي تمام شاندار ڪتاب لکيو آهي. هن چيو ته علي ??اب?? فقير ۽ درويش انسان هو جيڪو ڪوٽڙي ۾ پيدا ٿيو. هن چيو ته سنڌ هڪ مضبوط ثقافت ۽ تهذيب رکندڙ سرزمين آهي، ان جو پنهنجو هڪ مزاج آهي. هن چيو ته علي ??اب?? جي شخصيت ??اب?? ڪتاب جي اندر ڪافي تفصيل موجود آهن. هن چيو ته علي ??اب?? جيترو وڏو ليکڪ هو ايترو ئي هو پنهنجي عظمت کان غافل هو، هن پنهنجي ذاتي زندگي ۽ لکڻين ۾ پنهنجي عظمت جي بار بار نفي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته علي ??اب?? جي لکڻين ۽ افسانن ۾ وجوديت ۽ ذات جي گهرائي نظر اچي ٿي. نگران وفاقي وزير چيو ته علي ??اب?? موهن جو دڙو تي شاندار ناول لکيو، سندس لکڻين جو انگريزي سميت پاڪستان ۾ اردو ۽ ٻين زبانن ۾ ترجمو ??رڻ جي ضرورت آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته علي ??اب?? جو ڊرامو ”دنگي منجهه درياءَ (دريا ۾ تيرندڙ ٻيڙي) ميوخ ۾ ٿيندڙ سالياني ڊراما فيسٽيول ۾ بهترين ڊرامي جو ايوارڊ کٽيو. نگران وفاقي وزير چيو ته علي ??اب?? تمام گهڻي مشڪل حالتن ۾ پنهنجي زندگي گذاري پر پنهنجي عزت نفس کي ڪڏهن قربان نه ڪيو. هن علي ??اب?? جي لکڻين کي پڙهڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته علي ??اب?? جو فن امر ۽ لازوال آهي، علي ??اب?? اڄ به اسان سان گڏ پنهنجي فن جي صورت ۾ موجود آهي. هن نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن علي ??اب?? جي زندگي تي هڪ بهترين ڪتاب لکيو. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته موجوده ڊيجيٽل دور ۾ علي ??اب?? جي لکڻين کي نئين شڪل ڏئي پيش ڪيو وڃي.