اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جا نوجوان تعليم، ڏاهپ ۽ اعليٰ اخلاق جي ذريعي قوم جي تقدير بدلائي سگهن ٿا، پاڪستان کي مسئلن جي حل لاءِ قيادت ۽ ڏاهپ جي صحيح استعمال جي ضرورت آهي ۽ ملڪ جا نوجوان اهو ڪردار ادا ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چي?? ته چين جي ترقي تعليم ۽ صحت جي بنياد تي ٿي، پاڪستان کي به تيز رفتار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ چيني ماڊل تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته رڳو وس??لن سان ملڪ ترقي نه ٿا ڪن پر انساني وس??لن ۽ صحيح فيصلن سان قومن جي تقدير بدلائي وڃي ٿي. يونيورسٽي جي ڪامياب گريجوئيٽس کي ملڪ جي اشرافيه قرار ڏيندي صدر چي?? ته انهن کي اهڙي ملڪ ۾ گريجوئيٽ ڊگري حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي جتي 44 سيڪڙو يعني اٽڪل 26 ملين کان وڌيڪ ٻار اڃا تائين اسڪول نه ٿا وڃي سگهن. خطي سان ڀيٽ ڪندي هن چي?? ته سمورن علائقائي ملڪن ۾ اسڪول ويندڙ ٻارن جو تناسب 98 سيڪڙو آهي. هن وڌيڪ چي?? ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ 50 هزار اسڪولن جي ضرورت پوندي جيڪو ملڪ ۾ وس??لن جي دستيابي کي نظر ۾ رکندي آسان ڪم نه آهي. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ ملڪ ۾ اٽڪل ٽي لک مسجدن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪي?? ته جمهوريت ۽ انسانيت جي چيمپيئن هجڻ جي دعويدار ترقي يافته دنيا انساني همدرديءَ جو جذبو وڃائي چڪي آهي، دنيا هاڻي مفادن تي هلي رهي آهي جيئن ته غزه جي معصوم ماڻهن تي ڪيل ظلمن تي اولهه پاران ڪنهن همدرديءَ جو مظاهرو نه ڪيو ويو آهي. هن چي?? ته پاڪستان کي گڏيل قومن جي پليٽ فارم تان ڪشمير مسئلي جي حل جي اميد آهي پر 70 سال گذري وڃڻ جي باوجود اهو مسئلو اڃا تائين حل ناهي ٿي سگهيو. صدر يونيورسٽي جي ڪامياب گريجوئيٽس کي نصيحت ڪئي ته اهي پنهنجي عملي زندگي ۾ علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکن. هن عور?? گريجوئيٽس کي به چي?? ته اهي شادي کانپوءِ گهر ويهي پنهنجي تعليم کي ضايع نه ڪن پر اڄ جي ٽيڪنالاجي جي دور ۾ عورتون پنهنجي ملازمت ۽ گهريلو ڪم آساني سان سرانجام ڏئي سگهن ٿيون. صدر چي?? ته حڪومتجي وقت ۽ دانشمنداڻي حڪمت عملين جي ڪري پاڪستان کي ڪوويڊ 19 دوران دنيا جو پنجون بهترين ڪارڪردگي وارو ملڪ قرار ڏنو ويو. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي فيصلي کي ساراهيندي صدر چي?? ته يونيورسٽي خاص طور تي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان کان اڳ صدر يونيورسٽي جي ڪامياب شاگردن کي ڊگريون ۽ ميڊلز پڻ ڏنا. ان موقعي تي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ناصر محمود پنهنجي خطاب ۾ چي?? ته هيستائين اٽڪل 50 لک شاگرد يونيورسٽي مان فارغ التحصيل ٿي چڪا آهن. هن ٻڌاي?? ته اوپن يونيورسٽي کدڙن فقيرن، جيل جي قيدين ۽ شهيدن جي ٻارن کي مفت تعليم ??را??م ڪري رهي آهي.