اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اَپاسٽِل آرڊيننس 2024ع جاري ڪري ڇڏيو، آرڊيننس جو مقصد غيرملڪي عوامي دستاويزن جي لاءِ قانوني تصديق جي پابندي ختم ڪرڻ آهي. اهو آرڊيننس پاڪستان ۾ شهرين، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻ??ن جي سهولت لاءِ جاري ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اَپاسٽِل آرڊيننس نگران وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 (1) تحت جاري ڪيو آهي. ان جو مقصد غيرملڪي عوامي دستاويزن بابت 1961ع جي هيگ ڪن??ين??ن تحت پاڪستان جون ذميواريون پوريون ڪرڻ آهي. ڪن??ين??ن ٻاهرئين ملڪ عوامي دستاويزن جي استعمال لاءِ قانوني تصديق/ توثيق ۾ ڇوٽ فراهم ڪري ٿو. وفاقي ڪابينا مارچ 2022ع ۾ اَپاسٽِل ڪن??ين??ن سان پاڪستان جي الحاق جي منظوري ڏني هئي. اپاسٽل ڪن??ين??ن مارچ 2023ع ??ان پاڪستان جي لاءِ لاڳو ٿيو هو.