اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ان پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان ج?? خودمختياري ۽ علائقائي سالميت قطعي طور تي فتح نه ٿيڻ جوڳي ۽ مقدس آهي ۽ ڪنهن به پاران ڪنهن به بهاني ان کي مجروح ڪرڻ جي ڪوشش جو رياس?? پاران پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ موجود?? ڪيترن ئي مواصلاتي ذريعن کي علائقائي امن ۽ استحڪام جي وسيع تر مفاد ۾ هڪ ٻئي جي سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل طور تي استعمال ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ قومي سلامتي جي معاملن تي غو?? ڪيو ويو. فورم صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ پاڪستان ج?? خودمختياري جي اشتعال انگيز ۽ غيرقانوني خلاف ورزي جي جواب ۾ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي، متعين ۽ متناسب ردعمل کي ساراهيو. اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ موجوده صورتحال ۽ خطي ۾ مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي ان جي اثرن جي حوالي سان سياسي ۽ سفارتي اڳڀرائي کان آگاه?? ڪيو ويو. فورم ”آپريشن مرگ بر سرمچار“ جو پڻ جائزو ورتو جنهن کي ايران جي اندر حڪومتي عملداري کان ٻاهر جاين تي رهندڙ پاڪستاني ڄاون بلوچ دهشتگردن جي خلاف ڪاميابي سان سرانجام ڏنو ويو. سرحدن جي تازه ترين صورتحال ۽ قوم?? خودمختياري جي وڌيڪ خلاف ورزي جو ٺوس جواب ڏيڻ جي لاءِ ضروري مڪمل تيارين بابت پن غو?? ڪيو ويو. فورم ان اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ج?? خودمختياري ۽ علائقائي سالميت قطعي طور تي فتح نه ٿيڻ جوڳي ۽ مقدس آهي ۽ ڪنهن به پاران ڪنهن به بهاني ان کي مجروح ڪرڻ جي ڪوشش جو رياس?? پاران پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو. اجلاس ۾ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستاني عوام جي سالامتي ۽ تحفظ انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ ان کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي. فورم ان ڳالهه جو اظها?? ڪيو ته ايران ه?? پاڙيسري ۽ ڀائر مسلمان ملڪ هجڻ جي ناطي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود?? ڪيترن ئي مواصلاتي ذريعن کي علائقائي امن ۽ استحڪام جي وسيع تر مفاد ۾ هڪ ٻئي جي سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل طور تي استعمال ڪرڻ گهرجي. اجلاس گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي اصولن موجب سمورن ملڪن ج?? خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظها?? ڪيو. ڪميٽي ان عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو ته هر قسم جي دهشتگردي کي هٿي سان منهن ڏنو ويندو. فورم ان ڳالهه کي پڻ اجاگ?? ڪيو ته پاڪستان کي دهشتگردي جي ان لعنت سان ڪنهن به ٻئي ملڪ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ نقصان پهتو آهي. اجلاس ۾ ان عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو ته سـٺي پاڙيسريت جي لاڳاپن جي عالمي اصولن موجب ٻئي ملڪ گڏيل طور تي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي معمولي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهندا ۽ پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي راهه هموار ڪندا. اجلاس ۾ دفاع واري نگران وفاقي وزير، پرڏيهي معاملن واري نگران وفاقي وزير، ناڻي ۽ اطلاعات وارن نگران وفاقي وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف ا??ٽا?? ڪميٽي، چيف آف آرمي ا??ٽا??، چيف آف نيول ا??ٽا?? ۽ چيف آف ايئر ا??ٽا?? کانسواءِ انٽيلي جنس ايجنسين جي سربراهن شرڪت ڪئي.